ڀَٽِڻِ جو ڍورو

ڀَٽِڻِ جو ڍورو: ڀٽڻ جو ڍورو ميھڙ کان ڏکڻ اولهه طرف آهي ۽ ھن وقت واهه جي صورت ۾ آھي. ھاءِ وي تي ان واهه جي مٿان موري آھي، جنھن کي ’ٻنڊي جي موري‘ سڏيندا آھن. اھو اصل ۾ ’ڪاري ڍنڍ‘ جي نالي سان يا ’ڪارو ڍورو‘ سڏبو ھو. ھاڻي ان واهه کي ’ڀٽِڻ وارو واھ‘ سڏيندا آھن، جيڪو ناري مان وھي ”ٻنڊي ديهه“ کان به اڳتي ھلي، آبادي ڪرائي ٿو. ’ڪاري ڍنڍ‘ اڃا به ٺيڪي تي کڄندي آھي، ڇو ته ڍنڍ اڃا به ڀٽڻ جي ڍوري سان سڏجي ٿي. ڪاري ڍنڍ اصل ۾ درياھي ڍنڍ ھئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو